اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي يونيورسٽين ۾ نوان شعبا شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم ۽ هنر ف??اه?? ڪرڻ سان گڏوگڏ معياري گريجوئيٽس ??و انگ وڌا??ڻ جي لاءِ يونيورسٽين کي آن لائين تعليم جي نظام کي پڻ استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي ڇهين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪامسيٽس، سيڪريٽري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سيڪريٽري وفاقي تعليم سميت سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي يونيورسٽين جي معاملن تي وقت سر فيصلاسازي جي لاءِ سينيٽ اجلاس باقاعدگي سان ۽ وقت سر منعقد ڪيا وڃن، سمورين يونيورسٽين ۽ لاڳاپيل وزارتن کي سينيٽ ميمبرن جون خالي سيٽون وقت سر ڀرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته يونيورسٽين کي انتظامي ۽ تدريسي جاين تي ميرٽ تي ڀرتي جو عمل پڻ وقت تي شروع ڪرڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته يونيورس??يو?? مارڪيٽ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نوان شعبا شروع ڪن، يونيورسٽين ۾ نئين شعبن ۾ درس ۽ تدريس شروع ڪرڻ کان اڳ مارڪيٽ جي ضرورتن جو جائزو پڻ وٺڻ گهرجي. صدر يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم ۽ هنر ف??اه?? ڪن. هن چيو ته پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، يونيورس??يو?? معياري گريجوئيٽس ??و انگ وڌا??ڻ جي لاءِ آن لائين تعليم جو سهارو وٺن. اهڙي طرح يونيورس??يو?? آمدني وڌا??ڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولين ۽ تحقيقي گرانٽس ??اصل ڪرڻ جي لاءِ پروفيشنلز جي مدد وٺن. اجلاس ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي جي مالي، انتظامي، تعليمي ۽ ملازمن سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.