اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف لسٻيلا بلوچستان هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ڪور ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد جي گهر ويو، شهيد جي لاءِ فاحه خواني ڪئي ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ ??ئا. وزيراعظم ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي شهيد جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ ان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان جا شهيد اسان جو فخر آهن، پاڪ فوج جي آف??سرن ۽ جوانن هن ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ کان ڪڏهن به ناهي ڪيٻايو. هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف جنگ هجي يا ڪا قدرتي آفت، پاڪ فوج جا جوان ۽ آف??سر سدائين قوم جا محافظ بڻجي ميدان ۾ لٿا آهن. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم پنهنجي شهيدن جي انهن قربانين تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراع??م ان کان اڳ 14 آگسٽ تي ميجر طلح??ٰ منان شهيد جي گهر سندس گهرڀاتين سان تعزيت جي لاءِ پڻ ويو هو.