اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان روم ۾ قائم گڏيل قومن جي خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊيوڊ ا??م بيسلي خميس ڏينهن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم خوراڪ واري عالمي اداري جي ان ڪردار جي واکاڻ ڪئي جيڪو هو هنگامي حالتن ۾ عالمي انساني همدردي جي ادارن کي خوراڪ جي مدد فراهم ڪرڻ ۽ سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪن ۾ خوراڪ ۽ غذائي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن پاڻ وٽ هتي هلندڙ خوراڪ واري عالمي اداري جي مختلف منصوبن مان مستفيد ٿيندو رهيو آهي، هن چيو ته پا??ست??ن خوراڪ واري عالمي اداري سان حصيداري جي قدر ڪري ٿو. وزيراعظم ۽ خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر جي وچ ۾ ملاقات ۾ افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم افغانستان ۾ جامع حڪومت جي جوڙجڪ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عالمي برادري کي افغانستان سان مثبت لاڳاپا قائم ڪرڻ گهرجن جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ ڪنهن به انساني الميي کان بچي سگهجي ٿو ۽ ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي ي??ين?? بڻائي سگهجي ٿو، خوراڪ واري عالمي اداري جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام پاران افغانستان ۾ خوراڪ جي مدد لاءِ پا??ست??ن جي سهولتي ڪردار تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن افغانستان جي عوام کي انساني همدردي تحت مدد جاري رکڻ جي طريقن تي وزيراعظم سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.