اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪو??يٽ?? بم ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ چاهين ٿا، اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيندا. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ملڪ خاص طور تي بلوچستان جي ام?? کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي. هن چيو ته سيڪيورٽي ادارن امن امان جي بحالي لاءِ اڻٿڪ قربانيون ڏنيون آه??، انهن جون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.