اسلام آباد – 28 ̵1; ج??وري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هائوسنگ جي منصوبن ۾ قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ، غي??قانوني هائوسنگ اسڪيمن جا تفصيل لاڳاپيل ويب سائيٽ تي جاري ڪرڻ ۽ عوام کي انهن غي??قانوني هائوسنگ اسڪيمن ۾ خريد ۽ وڪري جي حوالي سان خبردار ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم ۾ تيزي آڻڻ سان گڏوگڏ لاڳاپيل قانونن ۾ ??رم??من جي حوالي سان سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي ر??بط?? ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس کي نيپرا پاران ڪنزيومر سروس مينوئل جي سمورين ڌرين جي مشاورت کانپوءِ منظوري جي حوالي سان آگاهه ڪندي ٻڌايو ويو ته تعميرات ۾ سهولتن جي فراهمي جي ڏس ۾ ڪنزيومر مينوئل ۾ گرڊ ايريا، لوڊ اسيسمنٽ ۽ لوڊ ڪيٽيگري ۾ بهتر ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت ??رم??مون ڪيون ويون آهن.