اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي راب??ا ڪميٽي (??ي سي سي) نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ (اين آءِ ٽي بي) جي لاءِ جا??ي مالي سال دوران 53 ملين رپيا رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اهي فنڊز وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي خدمتن جي فراهمي لاءِ استعمال ۾ آندا ويندا، اجلاس ۾ موسمي ۽ انب جي برآمدات جي لاءِ نظام الاوقات جوڙڻ جي حوالي سان واپار واري وزارت ۽ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي آهي جڏهن ته جا??ي مالي سال جي لاءِ دفاع واري وزارت ۽ گهرو وزارت جي چار مختلف منصوبن جي لاءِ 4 فني ضمني گرانٽ?? جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي. اقتصادي راب??ا ڪميٽي جو اجلاس ڪابينا ڊويزن ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.