لاهور -03 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته فوج ملڪ جي امن ۽ استحڪ??م ۽ سلامتي جي ضامن آهي، اسان جي فوج اسان کي ڪو صحيح ڪم ڪرڻ کان ناهي روڪيندي، جيڪڏهن اسان جي ڪا ڪوتاهي آهي ته ان جو ملبو فوج تي نٿو وجهي سگهجي. نواز شري?? جو هميشھ فوج سان ئي جهيڙو رهيو، ڇاڪاڻ ته فوج ئي اهو واحد ادارو آهي جيڪو ملڪي م??اد خلاف قدمن تي نواز شريف کان سوال پڇندو آهي. اهڙو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.