اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪور??نا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا جي 613 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪندوران 11 ماڻهو سڄي ملڪ ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا جن??ن مان 10 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته هڪ مريض گهر ۾ قرنطينه جي دوران ان وائرس جي ڪري فوت ٿيو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 هزار 859 ڪور??نا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جن??ن مان سنڌ ۾ 8 هزار 94، پنجاب ۾ 8 هزار 933، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 162، اسلام آباد ۾ 2 هزار 800، بلوچستان ۾ 471، گلگت بلتستان ۾ 209، آزاد ڪشمير ۾ 190 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 72 هزار 128 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا لاءِ مختص ٿيل هڪ هزار 920 وينٽيليٽرز تي 130 ڪور??نا جا مريض آهن، هن وقت سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا جا ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 12 هزار 116 آهي، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا جي مرضن جو تعداد 2 لک 90 هزار 445 آهي جن??ن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 212، بلوچستان ۾ 12 هزار 370، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 565، اسلام آباد ۾ 15 هزار 412، خيبرپختونخوا ۾ 35 هزار 401، پنجاب ۾ 95 هزار 742 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 26 هزار 743 مريض آهن.