اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ت?? پاڪستان ان فلسطيني رياست جو خواهشمند آهي جيڪا 1967ع کان اڳ هئي ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس هو، ان تي ڳڻتي ۽ ابهام جي ڪا گنجائش نه آهي، ڪشمير تي اسان جو موقف اهو ئي آهي جيڪو ماضي جي حڪومتن جو هو، ان تي قومي اتفاق ??اءِ آهي، پارلياماني اتفاق ??اءِ جي لاءِ هڪ پارلياماني ڪشمير ڪميٽي ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ جي ڀارتي قدم کي پ??ڪستان تسليم نه ٿو ڪري، ڀارت جي سلامتي ڪائونسل جي مستقل م??مبر بڻجڻ جو سوال ئي نه آهي، غيرمستقل م??مبر پاڪستان ۽ ڀارت 7، 7 ڀيرا رهيا آهن هاڻي ڀارت جڏهن ته 2026ع ۾ پاڪستان اٺون ڀيرو غيرمستقل م??مبر جي مهم شروع ڪري رهيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ خواجه محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پ??ڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آئون واضح طور تي چوان ٿو ته جن خدشن جو اظهار خواجه آصف ڪيو آهي انهن ۾ ڪا حقيقت نه آهي. اهو چيو ويو ته عرب ملڪن جي موقف ۾ تبدي??ي آئي آهي، پاڪستان مسلمان ملڪن جي اثر هيٺ اچي ڪٿي پنهنجي پ??ليسي تي نظرثاني نه ڪري رهيو هجي ته ائين هرگز نه آهي.