اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اقتصادي رابطا ڪميٽي پاور ڊويزن پاران 20 ارب رپين جي خصوصي رليف پئڪيج جي تجويز جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي ۽ ڪڻڪ جي قيمت 1400 رپيا في 40 ڪلوگر??م تائين ??ڌائڻ جي تجويز تي غور ڪيو. وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين ??اري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جو اجلاس ٿيو. اي سي سي ڪڻڪ جي قيمت 1400 رپيا في 40 ڪلوگر??م تائين ??ڌائڻ جي تجويز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اڄ خميس ڏينهن ان حوالي سان هڪ خاص اجلاس پڻ طلب ڪيو آهي جنهن ۾ ڪڻڪ جي امدادي قيمت ??ي حوالي سان تفصيلي جائزو ورتو ويندو.