ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي جي صدارت ۾ گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ۾ سن?? جي گورنر عمران اساماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، علي حيدي زيدي، سينيٽر سيف الله ابڙو ۽ قومي اسيمبلي ميمبر جئه پرڪاش، صوبائي اسيمبلي ميمبرن فردوس شمي?? نقوي، خرم شير زمان، حليم عادل شيخ ۽ بلال غفار سميت ٻيا پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر صدر کي ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر جي ڦهلاءُ، احتياطي تدبيرن جي لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن ۽ ويڪسين درآمد بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.