اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بنيادي صحت جي سستي سهولتن جي هر شهري تائين پهچ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت سرڪاري اسپتالن ۾ نظام جي بهتري سان گڏوگڏ نجي اسپتالن کي سستي زمين فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن غريب خاندانن ۾ ڪو به ع??اج کان محروم نه رهي. هن اهڙن خيالن جو اظها?? پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد س??ن ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم جو صحت وارو خاص معاون ڊاڪٽر ف??صل سلطان پڻ موجود هو.