اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۾ فاصلاتي تعليمي نظام جي اهميت وڌي وئي آهي، تعليم جو سلسلو جاري رکڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي اس??عم??ل ۾ آندو وڃي، ان سلسلي ۾ اهڙن طريقن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪي رڳو اشرافيه جي لاءِ مخصوص نه هجن پر تعليم حاص?? ڪرڻ آسان هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان برطانيا ايجوڪيشن گيٽ وي ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.