فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ايڪسپورٽرز، ٽيڪسٽائيل مينوفيڪچرز ۽ بزنس ڪميونٽي جي اهم اڳواڻن مقامي هوٽل ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران صنعتي ۽ ڪا??وباري برداري جي نمائندن چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري ويليوايڊڊ ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي، جڏهن ??ه توانائي پيڪيج، وقت سر ريفنڊز ۽ ٻ??ن سهولتن جي ڪري درآمد ڪندڙن ۽ ڪا??وباري برادري جا گهڻا مسئلا حل ٿيا آه??، ايڪسپورٽرز وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران به حڪومتي جامع قدمن سان نه رڳو ماڻهن ??ي روزگار کي تحفظ مليو پر انهن قدمن سان روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿيا، هن ??ڪومتي قدمن کي ساراهيندي يقين ڏياريو ته هو روانگي واپار کي 13 ارب ڊالر کان وڌائي ڪري ايندڙ سال 21 ارب ڊالر ??ائين وٺي ويندا، هنن روانگي واپار ۽ ڪا??وبار ۾ بهتري لاءِ مختلف تجويزون به ڏنيون.