اسل??م آباد – 09 نومبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ خوشحال قوم بڻائڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان اسلام جي باري ۾ ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي پيروي ڪريون، شاعر مشرق جي خودي واري فسلفي تي يقين رکندي اسان پنهنجي عزت ۽ انساني وقار ۾ اضافو ڪري سگهون ٿا. صدر عظيم فلسفي شاعر کي سندس يوم پيدائش جي موقعي تي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو، پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمان?? جو و??و محسن هو جنهن مسلمانن لاءِ ڌار وط?? جو خواب ڏٺو ۽ ان کانپوءِ ا?? جو جواب حقيقت ۾ تبديل ٿي ويو.