اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر ۾ ماڊل پناهگاهن جي قيام ۽ ??نه?? ۾ فراهم ڪيل معياري سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آه?? ته بي سهارا ۽ ڪمزور ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ رياست جي ذميداري آه??، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پناهگاهن ۾ فراهم ڪيل سهولتن جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي ۽ پناهگاهن ۾ رهندڙ مزدورن، بي سهارا ماڻهن جي خدمت کي يقيني بڻايو وڃي، معياري پناهگاهن جي قيام ۽ ??نه?? جي نيٽ ورڪ کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت طرفان سمورا ممڪن وسيلا فراهم ڪرڻ س??ن گڏوگڏ س??ندي وارن ماڻهن جي به حوصلا افزائي ڪئي ويندي، پاڪستاني قوم ۾ خدمت خلق جو بي پناهه جذبو موجود آه?? ۽ حڪومت طرفان اهڙن ڪوششن جي آجيان ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر ۾ قائم پنج پناهگاهن جي اپ گريڊيشن ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ بهترين سهولتن سان آراسته پناهگاهن جي تفصيلي نيٽ ورڪ جي قيام جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.