اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ جدوجهد جاري رهندي، 25 جولاءِ 2018ع تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ 22 ڪروڙ عوام گڏجي نئين سوچ جو بنياد رکيو، هڪ فرسوده، مراعت يافته، اقرباپروري ۽ ڪرپٽ نظام کي شڪست ملي، اڄ جو ڏينهن پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو يادگار ڏينهن آ??ي. 25 جولاءِ 2018ع جي چونڊن جي مناسب?? سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فرسوده نظام جا خالق ملڪي ادارن ?? معيشت کي کوکلو ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪندا رهيا. جڏهن اسان کي اقتدار مليو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتون درپيش هيون، ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هو، سمورين مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي باوجود وزيراعظم جي قيادت ۾ نئين عزم سان سڌارن طرف وڌياسين. هن چيو ته ڪورونا وبا کي نه رڳو منهن ڏنو پر معيشت ۽ صحت ٻنهي کي اهميت ڏني وئي.