اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 1124 ميگاواٽ جي ڪوهاله هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي لاءِ تاريخي ٽه ڌر??ي معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اڄوڪو ڏينهن اهم آهي، پن بجلي جي منصوبن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جڏهن ته ان سان صاف ۽ سستي بجلي به ميسر ايندي. هو 1124 ميگاواٽ جي ڪوهاله هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي لاءِ ٽه ڌر??ي معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب ??ي خطاب ڪري رهيو هو.