اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) 2013ع ۾ اقتدار ۾ ا??ند?? ئي پاڪستان اسٽيل ملز، ??ي آءِ ا??، او جي ڊي سي ايل، بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين سميت ٻين 41 ادارن کي نجڪاري جي فهرست ۾ وڌو، پي آءِ اي جو خسارو 500 ارب تائين پهچي ويو، اسان قومي ادارن ۾ سڌارن ذريع?? خساري کي گهٽ ڪري عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، مخالف ڌر جيڪڏهن انهن کي ڪورونا سان ڳنڍيو ته ان تي سخت ا??تجاج ڪنداسين، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي تباهه حال معيشت ورثي ۾ ملي پر ان جي باوجود اسان ڪورونا جهڙي وبا سان جنگ وڙهي رهيا آهيون. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران اٿاريل نقطن تي ڳالهائ??ند?? مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته نجڪاري ۽ ادارن ج?? خساري واري معاملي تي انگ اکر موجود آهن، 2013ع ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قائم ٿي، هن سڀ کان اڳ 41 ادارا نجڪاري جي فهرست ۾و ڌا، انهن ۾ پي آءِ اي جي نيويارڪ ۽ پيرس ۾ هوٽل، پي ايم ڊي س??، او جي ڊي سي ايل، پاڪستان اسٽيل ملز، ??ي آءِ اي ۽ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون شامل آهن.