اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آهي ته جهڙي طرح اها ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته ڪورونا وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙ??و ويو اهڙي طرح ڪوويڊ 19 جي خلاف ايس او پيز تي يقين ۽ ان تي عمل به ڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽ??ئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن برطانيا جي هفتيوار دي اڪنامسٽ ۾ شايع ٿيندڙ سروي رپورٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ اهو ٻڌا??و ويو آهي ته پاڪستاني دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ان ڳالهه تي يقين رکندڙ ماڻهو آهن ته ڪورونا وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙ??و ويو. هلندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ سروي موجب 72 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته ڪا پرڏيهي قوت اهو وائرس نه پکيڙي رهي آهي ۽ اهو قدرتي آهي جڏهن ته رڳو 23 سيڪڙو جو اهو وهم ??هي ته وائرس ڄاڻي واڻي پکيڙ??و ويو آهي.