اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڻي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڊيمن جي تعمير سان زرعي ضرورتن جي لاءِ پاڻي جي دس??يابي سان گڏوگڏ سستي بجلي حاصل ڪر?? ۾ مدد ملندي، ديامير ڀاشا ڊيم جو تعميراتي ڪم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ زرعي ۽ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪر?? جي لاءِ پاڻي جي قومي تحفظ جي پاليسي ۽ ڊيمن جي تعمير بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.