اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو آهي ته نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ج?? خاتمي لا??ِ اسپري جي طريقيڪار ۽ ضرورت جي حوالي سان جلد هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙيندي، صحت وارين وفاقي ۽ صوبائي وزارتن 5 نقطن تي اتفاق ڪيو آهي جن ۾ ڪوويڊ 19 جي شڪي مريضن جي لاڏاڻي جي هڪ نظام تحت تحقيق، وائرس ج?? ڪنهن علائقي ۾ عدم م??جودگي بابت سروي، قرنطينه جي حڪمت عملي، وائرس کان ب??اء?? لا??ِ اسپري ۽ اسپتالن ۾ ڪورونا جي مريضن جي لا??ِ دستياب بسترن ۽ وينٽي ليٽرز بابت تازي معلومات جي فراهمي جو طريقيڪار شامل آهي. اين سي او سي جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ هتي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ ٿيو.