اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا جي عيسائين خاص طور تي پاڪستاني ??يسائي برادري کي ايسٽر جي مبارڪباد ڏيندي چيو ??هي ته عيسائي ۽ ٻيون اقليتون پاڪستان جون برابر شهري آهن ۽ پاڪستان جو آئين انهن جي حقن کي مڪمل تحفظ ڏنو ??هي. ايسٽر تي مسيحي برادري جي نالي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته ايسٽر جو اصل پيغام پيار ۽ خوشي جو آهي.