اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) وفاق، چئني صوبن بشمول آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي اطلاعات ۽ نشريات وارن وزيرن ۽ ترجمانن ڪرونا وائرس کي شڪست ڏيڻ جي ل??ءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، فرنٽ لائن تي خدمتون سرانجام ڏيندڙ ??حا??ين ۽ ميڊيا ورڪرز کي ڪرونا وائرس کان بچائڻ جي ل??ءِ حفاظتي ڪٽس جي فراهمي، ڪرونا وائرس بابت خوف ۽ حراس تي ضابطو آڻڻ ۽ فيڪ نيوز جي تدارڪ جي ل??ءِ صوبائي سطح تي فوري قد?? کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي، قومي رابطا ڪميٽي جي فيصلن کي عام ڪرڻ ۽ ڪرونا جي خاتمي واري مهم ل??ءِ وفاقي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت 5 ڪروڙ رپين جو خاص فنڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي اطلاعات واريون وزارتون به ان ۾ پنهنجو حصو وجهنديون، ٻاهرئين ملڪن مان ايندڙ امداد، وزيراعظم رليف پئڪيج، اين ڊي ايم اي امدادي پلان تحت سمورن صوبن کي برابر امداد جي ورڇ ل??ءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جي صدارت ۾ اطلاعات وارن وزيرن ۽ ترجمانن جي وڊيو ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي.