ڪوئيٽا – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ ن??ري??ت باب?? خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان ڀارت جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ پاڪستان جي ڪشمير مسئلي بابت ڪامياب سفارتڪاري طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو وڪيل ۽ سفير بڻجي عالمي برادري جو ضمير جهنجهوڙي رهيو آهي. وزيراعظم جي آمريڪي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا نئين رخ ۽ عزم سان اڳتي وڌي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان جي دل بلوچستان جي عوام سان گڏ ڌ??ڪي ٿي ۽ هو بلوچستان جي ترقي کي اهم??ت ڏي ٿو. بلوچستان جي ترقي سان ئي پاڪستان جي ترقي لاڳاپيل آهي، هو ڪوئيٽا پهچڻ کانپوءِ ايئر پورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.