سيالڪوٽ – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته لنڊن ۾ مافيا پنهنجو مال بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اڳواڻ کي بيمار چئي ضمانت وٺندڙ انهي ا??ار??مينٽ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري رهيا آهن، کربن جي ا??ار??مينٽ ۾ ويهي عوام جي درد جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، انهن جي ??عاشي پاليسين جي ڪري عوام مشڪلاتن جو شڪار آهي، شريف فيملي ساٿين سميت لنڊن بدران پاڪستان ۾ اجلاس ڪري. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف لن??ن ا??ار??مينٽس جي ??لڪيت کان مسلسل انڪار ڪندو رهيو، سسيلين مافيا چورائيندڙ گاڊ فادر اڄ انهي ا??ار??مينٽ ۾ سياسي اجلاس ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عدالتن کي گهربل ۽ فرار ماڻهو جيڪو قانون جو ڏوهاري ۽ جوابدار به آهي، پاڪستان ۾ قانون ۽ عدالتون کيس گهرائي رهيو آهن.