اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ جوابدار شهباز شريف سان مشاورت نه ٿي ٿي سگهي، ڪڏهن ڪنهن جوابدار کان پڇيو ??يو ته جاچ ڪندڙ ڪير هوندو؟ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته شهباز شريف کي اخلاقي طور تي مخالف ڌر اڳواڻ نه هجڻ گهرجي، شفاف اليڪشن ?? سڀ کان وڏي رڪاوٽ شهباز شريف آهي. هن چيو ته آئين ج?? آرٽيڪل 218 ??وجب اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته اها صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جا به واضح حڪم آهن.