اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بحرين کان ڪالام روڊ کي پنهنجي واعدي موجب ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڪ??لام دوري جي موقعي تي ٻوڏ متاثرين ۽ ڪالام ۾ ڦاٿل م??امي ۽ عالمي سياحن سان واعدي موجب بحرين کان ڪالام رستي کي بحال ڪري ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آهي. مشڪل حا??تن جي باوجود رستي جي ترجيحي بنيادن تي بحالي تي ايف ڊبليو او ۽ اين ايڇ اي ۽ اليون ڪور جا اهلڪار سارا??ه لائق آهن.