اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قطر جي 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اڄ اڱاري تي 2 ڏينهن (23 کان 24 آگسٽ) تي قطر جي دوري جي لاءِ اسلام آباد کان دوحه روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم ??مي?? شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي قطر جو دورو ڪري رهيو آهي وزيراعظم جو قطر جو دورو پاڪستان ۽ قطر جي ٻن طرفن لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ علاقائي امن جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي تعاون جي ف??وغ لاءِ انتهائي اهميت جو حامل آهي. عهدو سنبهالڻ کان پوءِ وزيراعظم جي قطر جي پهرين دوري سان پاڪستان ۾ زراعت، قابل تجديد توانائي، هوابازي، انفرااسٽرڪچر، سيا??ت، لائف اسٽاڪ، روزمره استعمال جي برآمدي صنعت ۽ ٻين شعبن ۾ قطري سيڙپڪاري کي ف??و?? ملندو. قطر جي دوري دوران وزيراعظم قطر جي ??مي?? ۽ قطر جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو.