اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جو اجلاس اسلام آباد ۾ ڪنوينر محمود احمد ساغر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پونڇ ۽ ڊوڊا جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. ڪشمير ميديا سروس موجب ڀارتي فوجين 2 آگسٽ 1998ع تي پونڇ جي علائقي سيالان ۾ هڪ ئي خ??ندان جي 19 ماڻهن کي را?? جي اونداهي ۾ گوليون هڻي شهيد ڪ??و ويو هو. ڀارتي فوج جي 9 را??ٽريا را??فلز ۽ ڳجهي ايجنسي ”را“ جي اهلڪارن گڏجي هڪ ئي خ??ندان جي 19 بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو جن کي اڄ تائين انصاف نه مليو. ان خاندان جو ڏوهه اهو هو ته انهن جو پٽ هڪ حريت پسند هو. انهي هفتي 25 جولاءِ تي ڊوڊا ضلعي جي علائقي ڪوٽال ۾ هڪ ئي خ??ندان جي 5 ماڻهن کي اڳ ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ بعد ۾ گوليون هڻي شهيد ڪ??و ويو هو جن ۾ ٽي عورتون هڪ مرد ۽ هڪ ٻار شامل هو.