اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافت زنجيرن ۾ ويڙهيل هجي ته جمهوريت به ڄڻ قيدي هوندي آهي، ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آزادي ڪنهن تي احسان نه آهي پر آئين جي بنيادي گهرج ۽ حق آهي، صحافين جو تحفظ ۽ پيشيواراڻو سازگار ماحول فراهم ڪ??ڻ اتحادي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم شهباز شريف ذميواري سنڀاليندي ئي ميڊيا مخالف قانونن ۽ ضابطن کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو، صحافين جي تحفظ جي (ترميمي) بل 2022ع تي صحافين ۽ صحافتي تنظيمن سان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. اها ڳالهه هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (دستور) جي صدر نواز رضا جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته منهنجي خصوصي هدايتن تي جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن (ترميمي) بل 2022ع اطلاعات واري وزارت کي ملي و??و آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ان ڪميٽي ۾ اطلاعات، قانون، انساني حقن جي وزارتن ۽ ميڊيا جا نمائندا شامل آهن. هن چيو ته معاملي کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پ?? شامل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته صحافين ۽ صحافتي تنظيمن سان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. هن چيو ته صحافت جي آزادي جو احترام جمهوريت جو بنياد آهي، ميديا جي آزادي سان ئي سياست به زندگي ماڻي ٿي. هن چيو ته ميڊيا جي ادارن ۽ صحافين کي فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه نيوز جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته ميڊيا جي آزادي ۽ احساس ذميواري ۾ توازن سان معاشري ۾ وڌندڙ ويڇن کي روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته اختلاف راءِ ۽ نفرت جي وچ ۾ فرق سمجهائڻ ۽ عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي پي ايف يو جي جي و??د اطلاعات واري و??اقي وزير کي صحافين کي درپيش مشڪلاتن ۽ پيشيواراڻي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته صحافتي تنظيمن جي سفارشن جي روشني ۾ گڏجي صحافين جا مسئلا حل ڪنداسين.