اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراع??م شهباز شريف بنگلاديش ۾ باهه جي واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بنگلاديش ۾ باهه جي واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي وڏو ڏک ٿيو آهي، هن چيو ته منهنجي دلي تعزيت ۽ مخلصاڻيون همدرديون بنگلاديش جي حڪومت ۽ عوام سان ??هن.