اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري سعودي عرب جي پرڏيهي وز??ر شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ مملڪتي وز??ر حنا رباني کر ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وز??ر شري رحمان موجود هيون. پرڏيهي وز??ر خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي سندس دور انديش قيادت ۾ سعودي عرب کي ترقي جي نئين بلندين کي حاصل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات دوران ٻن??ي ملڪن جي پرڏيهي وز??رن گذريل مهيني جده ۾ ٿيندڙ پنهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه جو زڪر ڪندي ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفي حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان حصيداري کي گڏيل فائدي لاءِ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، ٻن??ي پرڏيهي وز??رن ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن جو جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت جي ڪسوٽي تي پورا لٿا آهن، هن سعودي عرب جي پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ ڪشمير ڪاز تي ان جي مستقل يڪجهتي کي ساراهيو. ٻن??ي پرڏيهي وز??رن سعودي عرب – پاڪستان لاڳاپن جي تزويراتي اهميت ۽ معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، ٻن??ي پرڏيهي وز??رن عالمي مسئلن تي ٻن??ي ڌرين جي وچ ۾ نظريات جي هڪجهڙائي جو ذڪر ڪندي او آءِ سي پليٽ فارم سميت اسرندڙ ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ هم آهنگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ گڏيل طور تي رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو.