اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ خليفه بن زايد ??لنهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير گڏيل عرب امارات جي نئين چونڊيل صدر شيخ محمد بن زايد ??لنهيان، النهيان خاندان، يو اي اي جي قيادت ?? عوام سان شيخ خليفه بن زايد ??لنهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاهي خاندان جي ٻين ماڻهن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ گ??يل عرب امارات جي قيادت ?? عوام جي لاءِ ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ جي همت ۽ سگهه جي دعا ڪئي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپنکي مض??وط بڻائڻ ۾ ش??خ خليفه جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيندي ان افسوس جو اظهار ڪيو ته سندس لاڏاڻي سان پاڪستان هڪ مخلص دوست کان محروم ٿي ويو آهي. شيخ خليفه کي خراج عقيدت پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته قوم ۽ ملڪ جي لاءِ سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. پرڏيهي وزير شيخ محمد بن زايد ??لنهيان جي لاءِ گڏيل عرب امارات جي نئين صدر طور تي پنهنجون ذميواريون سنڀالڻ تي نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.