اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلري ۾ جيمرز هڻڻ صحافين کي انهن جي پيشيواراڻي فرضن کان روڪڻ جي ڪوشش آهي، پوڻا چار سالن تائين پي ٽي آءِ ميڊيا تي پابنديون لڳايون، سينسرشپ ڪئي، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز تي ظلم ڪيو، اڄ هڪ وڏي اليڪشن ٿي رهي آهي ۽ صحافين کي انهن جي ذميوا??ين کان روڪڻ جي لاءِ جيمرز لڳايا ويا آهن، اسان ان عمل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلري مان جيمرز فو??ي طور تي هٽايا وڃن. پنجاب اسيمبلي ۾ جيمرز لڳائڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلر ۾ جيمرز لڳايا ويا آهن، ملندڙ فوٽيج ميڊيا سان شيئر به ڪئي وي??دي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پوڻا چار سالن تائين ميڊيا تي پابنديون لڳايون، سينسرشپ ڪئي، صحافين ۽ ميديا ورڪرز تي ظلم ڪيو وي??، اڄ هڪ وڏي اليڪشن ٿيڻ وڃي رهي آهي ۽ جيمرز لڳائي ميڊيا کي صحافتي ذميوا??ين کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ??ڃي. هن چيو ته ان کان اڳ به جڏهن اها اليڪشن ٿ??ڻي هئي ان وقت به ميڊيا کي اندر وڃڻ جي اجازت نه هئي. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلري ۾ جيمرز لڳل هوندا ته ميڊيا ڇا رپورٽ ڪندي؟ هن چيو ته جيمرز لڳائڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته اسيمبلي ۾ جيڪا حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا اها ميڊيا رپورٽ نه ڪري سگهي. هن مطالبو ڪيو ته فو??ي طور تي پنجاب اسيمبلي جي پريس گيلر مان جيمرز هٽايا وڃن. مريم اورنگزيب چيو ته نالائق چورن جي ٽولي کي جهڙي طرح قومي اسيمبلي مان ٻاهر اڇلايو وي?? آهي اهڙي طرح پنجاب اسيمبلي کان به ٻاهر موڪليو وي??دو. هن چيو ته ننڍي ذهنيت واريون حرڪتون بند ٿيڻ گهرجن، جيمرز کي فو??ي طور تي هٽايو ??ڃي.