اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. اطلاعات و??ري وزارت ۾ پنهنجي آفيس اچڻ تي اطلاعات و??ري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت و??ارت جي ٻين اعليٰ آفيسرن اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزير جي شاندار آجيان ڪئي، کيس وزارت جي معاملن جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني وئي. مريم اورنگزيب ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ميڊيا هائوسز، تنظيمن ۽ صحافتي برادري جي ڀلائي لاءِ س??ور?? مم??ن قدم کڻنداسين. وفاقي وزير پيڪا آرڊيننس 2016ع تي سمورين ڌرين سان مشاور?? ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سندس چوڻ هو ته ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا کي فعال بڻايو ويندو ۽ رياست ۽ ان جي ادارن جي خلاف منفي پروپئگنڊه ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۽ حڪومت جي اهم ترقياتي منصوبن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ڊرامي ۽ فلم انڊسٽري جي فروغ لاءِ هر مم??ن قدم کڻنداسين. اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي ۽ اي پي پي سميت و??ارت جي سمورن اهم ادارن تي هن وقت ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال ۾ عوام کي صحيح معلومات جي فراهمي جي لاءِ وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، اطلاعات و??ري وزارت جي عوام کي ٺوس معلومات ۽ خبرن جي فراهمي ۾ اهم ڪردار کي فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اطلاعات و??ري وزارت جا س??ور?? ادارا عوامي مفاد جي ڏس ۾ پيشيواراڻي معاملن کي بهتر انداز ۾ سرانجام ڏيندا. سندس چوڻ هو ته اطلاعات و??ري وزارت ۽ ميڊيا ادارن جي وچ ۾ رابطن جو فروغ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي اطلاعات و??ري سيڪريٽري، پي ٽي وي جي ايم ڊي ۽ اي پي پي جي ايم ڊي سميت و??ارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.