اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته شاگرد علم حاصل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏين، ملڪ ۾ روايتي تع??يم سان گڏوگڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تع??يم جو فروغ ضروري آهي، ڪيريئر ڪونسلنگ ??ي حوالي سان تقريبن جو انعقاد پاڪستان جي هر صوبي ۽ هر اسڪول ۾ هجڻ گهرجي، نوجوان ڪيرييئر جي چونڊ ۾ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکن، آءِ ٽي مان نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيد?? ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنه سينٽر ۾ تع??يم واري وفاقي وزارت جي اهتمام هيٺ ڪيريئر ڪونسلنگ ??ي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تع??يم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني، ايڊيشنل سيڪٽري محي الدين واني، مختلف يونيورسٽين جي وائنس چانسلرز سميت تعليمي ماهر ۽ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي ماتحت اسلام آباد جي مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وڏي تعداد به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ان اهم تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ خوشي جو سبب آهي، هن تقريب جي انعقاد تي تع??يم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير جو ٿورو ادا ڪيو، صدر چيو ته تع??يم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت شاگردن جي ڪونسلنگ لاءِ بهترين ڪم ڪيو آهي، اهڙا پروگرام ملڪ جي سمورن صوبن ۾ ٿيڻ گهرجن ۽ ان جو دائرو وڌائڻ گهرجي. ماضي ۾ ڪيريئر ڪونسلنگ نه هئي، ان لاءِ ماضي ۾ ملڪ ۾ وڏي تعداد ۾ شاگرد ڊاڪٽري جو پيشو اختيار ڪري ورتو ۽ ملڪ ۾ اسپتالن جي کوٽ ۽ روزگار جي موقعن جي عدم موجودگي جي ڪ??ي اهي ٻاهرين ملڪ هليا ويا، صدر شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو پاڪستان جو مستقبل آهن، ان لاءِ هو علم حاصل ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏين، علم جتان کان به ملي ان کي حاصل ڪرڻ گهرجي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻين تائين پيغام پهچائڻ لاءِ ڪميونيڪيشن اسڪلز وڏي اهميت رکندڙ آهي، سچائي جو دامن نه ڇڏيو وڃي ته دنيا جي هر ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي، صدر چيو ته ملڪ ۾ لکين ٻار تع??يم حاصل ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ڪيريئر جي چونڊ ۾ مستقبل جي ضرورتن کي نظر ۾ رکڻ گهرجي، دنيا کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ تربيت يافته ماڻهن جي ضرورت آهي، اڄ عورتون گهر ويٺي انٽرنيٽ جي ذريعي لکين روپيا ڪمائي رهيون آهن، انفارميشن ٽيڪنالاجي سان نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيد?? ٿي رهيا آهن، هن چيو ته ٽيڪنالاجي پاڪستان جي نوجوانن لاءِ به رستا کولي ڇڏيا آهن، پاڪستان کي نوجوان آبادي مان فائدو کڻڻ گهرجي. دنيا کي آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ هنرمند افرادي قوت جي سخت ضرورت آهي. صدر شاگردن کي چيو ته هو اخلاقي تربيت تي پنهنجو ڌيان ڏين، استادن جو احترام ڪن ۽ پنهنجي والدين جا ٿورائتا رهن جنهن کين پاليو ۽ انهن جي تربيت ڪئي آهي. هن چيو ته شاگردن کي معاشري ۾ همدردي جو جذبو به رکڻ گهرجي، صدر چيو ته پاڪستان جنهن انداز سان ترقي ڪ??ي رهيو آهي ان جي نتيجي ۾ هو جلد هڪ ترقي يافته ملڪ بڻجندو، اسان سڀني جي ذميداري آهي ته تع??يم کي فروغ ڏنو وڃي، نوجوان نسل ملڪ کي ترقي ڪندو ڏسندو. هن چيو ته فيڪ نيوز سان سڀ کان وڌيڪ خطرو نوجوانن کي آهي، تع??يم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي سيڪريٽري ناهيد دراني پنهنجي خطاب ۾ تقريب ۾ شرڪت تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو، هن چيو ته تع??يم سميت ملڪ جي هر شعبي ۾ ڊجيٽلائيزيشن ٿي آهي، دنيا وڏي تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي، شاگردن جي ڪيريئر ڪونسلنگ ??ي لاءِ 70 کان وڌيڪ ادارن ايڪسپو ۾ اسٽال لڳايا آهن، هن چيو ته شاگردن کي فيصلاسازي ڪندي احتياط ڪرڻو پوندو.