اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي معاشي تباهي واضح ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، بحران سان نه رڳو پاڪستان پر سڄو خطو متاثر ٿيندو، ترڪي، ايران، انڊونيشا، ملائيشيا ۽ ٻيا عرب ملڪ او آءِ سي جي ميمبر آفريقي ملڪ ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جو اشارو ڏنو ويو آهي. اسان او آءِ سي ملڪن کانسواءِ سلامتي ڪائونسل جي پنج مستقل ميمبرن، اهم يورپي ملڪن ۽ گڏيل قومن جي تنظيمن جي نمائندن کي به ان اجلاس ۾ گهرايو آهي. او آءِ سي پرڏيهي و??ير ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي و??ير چيو ته 19 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي و??ير ڪائونسل جي اجلاس جي واحد ايجنڊا افغانستان جي صورتحال هوندي، آئون اڄ دنيا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن افغانستان جي صورتحال تي سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران سنگين صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو. افغانستان جي معاشي بربادي واضح ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، ان بحران سان نه رڳو پاڪستان پر سڄو خطو متاثر ٿيندو. دنيا کي افغانستان جي معاملن ۾ فوري مداخلت ڪرڻي پوندي، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ گڏيل قومون عالمي بئنڪ، آءِ ايم ايف، اسان جي ڳالهه ورجائي رهيو آهي، هو چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن افغانستان تي لڳل پابندين تي نظرثاني نه ڪئي وئي ۽ افغانين کي فوري طور تي امداد نه پهچائي وئي ته تمام وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. افغانستان ۾ ڪو بئنڪنگ نظام نه آهي، عالمي ادارا چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن فوري ڌيان نه ڏنو ويو ته 2022ع جي وچ ڌاري 97 سيڪڙو افغان غربت جي سطح کان هيٺ هوندا، هن چيو ته هن وقت 95 سيڪڙو افغانين وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه نه آهي اسان پنهنجي ذميداري نڀائي رهيا آهيون، پر پاڪستان اڪيلو اها ذميداري نٿو کڻي سگهي، فوري فيصلا نه ڪيا ويا ته وڏو بحران ايندو. پرڏيهي و??ير چيو ته اسلام آباد ۾ اجلاس جو مقصد دنيا کي افغان صورتحال کان باور ڪرائڻ آهي، مناسب هوندو افغان اٿارٽي جو موقف به سامه??ن رکيو وڃي، پرڏيهي و??ير خبردار ڪيو ته دنيا کي افغانستان جي معاملن ۾ فوري مداخلت ڪرڻي پوندي ۽ افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻو پوندو. افغانستان ۾ انساني بحران جا پاڪستان تي اثر پوندا. پرڏيهي و??ير چيو ته 40 لک افغان پناهگيرن جي اڄ به خدمت ڪري رهيو آهي، وڌيڪ افغان پناهگيرن جو بار کڻڻ جي سگهه نه آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري افغانستان جي انساني مدد لاءِ ”فليش ايپل“ دنيا جي سامه??ن رکي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ خدا نه ڪري جيڪڏهن انساني بحران پيدا ٿئي ٿو ته ان جي ان نتيجي ۾ افغان پناهگيرن جي هڪ يلغار سامهون اچي سگهي ٿي، افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿيڻ سان دهشتگردن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملي ويندو، دهشتگردي جي خلاف ڪيل ڪو??شو?? ضايع ٿي وينديون، ضروري شيون افغانستان جو رخ ڪنديون ته پاڪستان ۾ مهانگائي وڌيڪ وڌندي.