اٽڪ – 05 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جو مقابلو مافياز سان آهي، ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ڪيو و??ند??، ڪنهن به حڪومت غريبن جي لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو جيترو اسان ڪر?? رهيا آهيون، غريب عوام تي بار ??هٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت 450 ارب جو خسارو پا?? برداشت ڪر?? رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ضلعي اٽڪ جي پي ٽي آءِ قيادت سان ڳالهائ??ند?? ڪيو. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، قومي اسيمبلي ميمبر ميجر (ر) طاهر صادق، پنجاب اسيمبلي ميمبرن سيد ياور بخاري، ملڪ محمد انور، ملڪ جمشيد الطاف ۽ پي ٽي آءِ اٽڪ جي پارٽي قيادت ملاقات ۾ شامل هئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ان وقت مجموعي معاشي خسارو 20 ارب ڊالر هو جنهن جي ڪري معاشي صورتحال مشڪل هئي. جيئن ته اسان جو دارومدار درآمدات تي آهي ان لاءِ جڏهن ٻاهر قيمتون وڌن ٿيون ته هتي به قيمتون وڌن ٿيون. هن چيو ته اسان محنت ڪري هڪ سال ۾ خسارو 20 ارب کان ??هٽ ڪري هڪ ارب ڊالر تي کڻي آياسين. پوءِ ڪورونا وائرس جي وبا پوري دنيا کي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. پوري دنيا جي معيشت خساري ۾ هلي وئي ۽ عالم?? سطح تي بحران آيو. جڏهن ته اسان جي ڪامياب پاليسين جي ڪري وبا جو مقابلو ڪيو ۽ ان چلينج کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب رهياسين. عالم?? سطح تي اسان جي ڪامياب پاليسين جي پذيرائي ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته غريب عوام تي مهانگائي جي اثرن جو پوري طرح احساس آهي. مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ غريب عوام تي بار ??هٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هن وقت 450 ارب جو خسارو پا?? برداشت ڪر?? رهي آهي. صحت ڪارڊ جي پوري پنجاب ۾ شروعات ڪر?? رهيا آهيون جنهن جي ڪري غريب خاندان معياري علاج جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهندا. احساس سبسڊي پروگرام وفاق ۽ صوبائي حڪومت گڏجي مستحق خاندانن کي اٽي، دالين ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي فراهم ٿ??ند??. ڪامياب پا??ستان پروگرام 20 لک خاندانن جي لاءِ وياج کانسواءِ قرض فراهم ڪندو. گهر تعمير ڪرڻ، ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ، اسڪلز ٽريننگ پروگرام ۽ ننڍي آبادگار جي لاءِ قرض ڏنا ويندا. ڪامياب جوان پروگرام اڳ ۾ ئي سڄي ملڪ ۾ نوجوانن کي قرض فراهم ڪر?? رهيو آهي. هن چيو ته هر گهر ۾ وڃي احساس سروي ڪئي وئي ته جيئن ڪو مستحق پروگرام کان ٻاهر نه رهجي وڃي. ڪڏهن به ڪنهن حڪومت غريبن جي لاءِ ايترو ڪم ناهي ڪيو. هر سطح تي هاڻي انهن سمورن پروگرامز جو فائدو پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ غريبن تائين پهچايو، اسان جو مقابلو مافياز سان آهي. ڪرپشن تي ڪو ٺاهه نه ٿ??ند??. هن مقام?? سطح جي قيادت کي هدايت ڪئي ته اها متحرڪ ٿي غريب ۽ مستحق ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم تي ڌيان ڏي.