اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 15 سيپٽمبر تي ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي پوئينرن ??ان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي، هن شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ب??ان موجب صدر سوا?? محمد انتظار، سوار سلمان ۽ سوار ساجد حسين جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سوا?? محمد شيراز ۽ لانس دفعدار اشتياق حسين جي وارثن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئ??، صدر عارف علوي نائب رسالدار عامر شڪيل ۽ سوار خرم شهزاد جي وارثن کي به ٽيليفون ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي سندن خدمتن ۽ بهادري تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن جي دعا ڪئي. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جي وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.