اسلام آباد/ دوشنبي -25 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي دوشن??ي ۾ تاجڪ هم منصب مهر الدين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معام??ن تي غور ويچار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جو تسلسل، ٻه طرفن ناتن جي استحڪام جو مظهر آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي صدر طور تاجڪستان بهترين قيادت جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم عمران ??ان سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشن??ي ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او سمٽ ۾ شرڪت جو خواهشمند آهي. شاه محمود قريشي تاجڪ هم منصب کي پاڪستان جي نقطئه نظر کان آگاه ڪندي چيو ته اسان افغانستان ۾ اجتماعيت واري سياسي حل جا حامي آهيون. افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو فائدو پوري خطي کي ٿيندو. شاه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن خدانخواسته افغانستان جي صورتحال ۾ بگاڙ پيدا ٿيو ته پورو خطو ان مان متاثر ٿيندو. هن چيو ته منهنجي هن دوري جو م??صد افغانستان جي حوالي سان درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ مشاورت سان مربوط حڪمت عم??ي جوڙڻ آهي. تاجڪستان جي پرڏيهي وزير علائقائي سطح تي افغانستان جي صورتحال تي گڏيل حڪمت عم??ي اختيار ڪرڻ لاءِ شاه محمود قريشي جي تجويزن ۽ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي معام??ن تي مشاورتي سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.