اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته طالبان سان اسان جي ڳالهه ٻ??لهه ٿيندي رهي آهي، ڀارت پاڪستان جي خلاف مسلسل پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا هڪ وڊيو گيم ۾ ويڙهه ڏيکاري اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنج شير حملن ۾ پاڪستان ڪارروائي ڪئي، بدقسمتي سان ڀارت جي اهڙن ڪڌن قدمن ۽ پروپئگنڊه سان عام ??اڻ??و متاثر ٿئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي بي سي ورلڊ سان ڳالهائيندي ڪيو. افغانستان ۾ نگران سيٽ اپ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ نگران سيٽ اپ تي ردعمل ڏيڻ وقت کان اڳ ٿيندو، اسان کي ڪجهه انتظار ڪرڻ گهرجي، هن وقت ان تي ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ميڊيا جي ذريعي خبر پئي ته سي آءِ اي جو سربراهه ڪابل ۾ هو، ميڊيا جي رپورٽن مان ئي خبر پئي ته ترڪيءَ ۽ قطر جي انٽيليجنس جا سربراهه به ڪابل ۾ موجود هئا. جيڪڏهن اسان پنهنجو پرڏيهي وزير ڪابل موڪليون ها ته اتي اتي ڪنهن سان ملاقات ڪري ها؟ اتي ڪو پرڏيهي وزير موجود نه آهي. هن چيو ته باضابطا حڪومت جي عدم موجودگي ۾ هڪ اهڙي فريم ورڪ جي ضرورت هوندي آهي جتي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻ??لهه ڪري سگهن. ڪابل ۾ باضابطا حڪومت جي عدم موجودگي ۾ انٽيليجنس ادارا اهڙو فريم ورڪ جوڙيندا آهن. هڪ سوال تي اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي افغانستان سان سنگين مسئلا درپيش ر??يا آهن جن ۾ داعش جي سگهه، پناهگيرن جي مسئلن ۽ ٽي ٽي پي جي افغانستان مان مائيگريشن شامل آهي. هن چيو ته طالبان سان اسان جي ڳالهه ٻ??لهه ٿيندي رهي آهي، پاڪستان طالبان جي آمريڪا سان ڳالهين ۾ سهولت فراهم ڪئي. افغانستان ۾ غيرملڪي شهرين کي انخلا ۾ پاڪستان مدد فراهم ڪئي، اسان افغانستان ۾ ڦاٿل هزارين ??اڻ??ن کي ڪڍيو، افغانستان مان غيرملڪي شهرين جي انخلا جي اسان جي ڪوششن کي پوري دنيا ساراهيو آهي. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته 2007ع ۽ 2011ع ۾ اسان جيڪو چئي ر??يا هئاسين اهو صحيح ثابت ٿيو. جيڪڏهن ان وقت اسان جي ڳالهه مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها. افغان جنگ ۾ اسان کي 80 هزار جانين جو نقصان کڻڻو پيو، اسان جو 150 ا??ب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته ڀارت پاڪستان جي خلاف مسلسل پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا هڪ وڊيو گيم ۾ ويڙهه ڏيکاري اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پنج شير حملن ۾ پاڪستان ڪارروائي ڪئي. ڀارتي ميڊيا جي سمورن ٽاڪ شوز ۾ اها ڪهاڻي ٺاهي وئي، ان مان خبر پوي ٿي ته ڀارت ۾ مارڪيٽنگ ايجنسيُون ڪهڙي نموني ڪم ڪن ٿيون. هن چيو ته بدقسمتي سان ڀارت جي اهڙن ڪڌن قدمن ۽ پروپئگنڊائن سان عام ??اڻ??و متاثر ٿئي ٿو.