اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته وزيراعظ?? عمران خان جي قيادت هيٺ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جو پختو يقين آ??ي ته سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ جي خاتمي جو واحد حل اوپن بيلٽنگ ئي آهي، ووٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن آ?? پاڪستان (اي سي پي) جو ڪردار تمام اهم آهي، تحريڪ انصاف جي سڄي جدوجهد سينيٽ چونڊن ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ هئي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن ??يو ته مرڪز ۾ يوسف رضا گيلاني جي فتح تي شديد خدشا آهن، وزيراعظ?? عمران خان پهرين ئي ان سلسلي ۾ آگاهه ڪيو هو. پي ٽي آءِ وٽ به يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي خلاف وڊيو ثبوت موجود آهن. هن ??يو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي ثمرن مان لطف اندوز ٿيڻو آهي ته اسان کي هر شعبي ۾ شفافيت جي عمل کي يقيني ب??ائ??و پوندو ۽ پئسن جي زور تي اليڪشن وڙهندڙن جي حوصلا شڪني ڪرڻي پوندي.